ٻه درياھي

ٻِه درياھي: تعلقي گھوڙا ٻاريءَ جي مختيارڪار جي آفيس ڪوٽڙي الھرکئي شاهه ۾ آھي. اتان ڳوٺ اڏيرو لال ڏيڍ ڪوھ کن پنڌ تي آھي. سيٺ منگھن مل ھن ڳوٺ ۾ اڏيري لال صاحب جو مندر جوڙايو، جنھن تان ڳوٺ جو نالو ئي ”اڏيرو لال“ پئجي ويو، ھتي چيٽي چنڊ جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آھي، انھيءَ ڳوٺ وٽان درياهه ڦٽي ٻه شاخون ٿئي ٿو. ساڄي طرف واري درياهه کي ”اوچتو“ ۽ کاٻي طرف واري درياهه کي ”حيدري“ چوندا آھن ۽ ٻنھي کي گڏي ”ٻه درياھي“ ڪوٺيندا آھن. ھاڻوڪي ٽڪنڊياري ڊيلٽا جو مٿ به انھيءَ ٻه درياھيءَ وٽان شروع ٿئي ٿو. اڳي پير پٺو ۽ ننگر ٺٽو به ڊيلٽا جي اندر ھوندا ھئا پر پوءِ گھاري واري کاري ۽ بگھاڙ واهه، جيڪي اصل ۾ درياهه جا ڦاٽ ھئا، سي لٽجي ويا ته ننگر ٺٽو ڊيلٽا کان ٻاھر ٿي ويو. اوچتو درياهه ھتان ھٽي ڪيٽي بندر ڏانھن وڃي ٿو. اڏيري لال کان ڪيٽي بندر، درياهه جي رستي چاليهه ڪوهه ۽ سڌي رستي سان پنجويهه ڪوھ مفاصلو آھي. ھن درياهه کي ’اوچتو‘ انڪري به چوندا آھن جو درياهه اتان اوچتو ڦاٽ ڪيو ھو. ھيءُ درياهه جو نئون ڦاٽ آھي پر اھو به آڳاٽو آھي. ھن درياهه کي ڪيٽي بندر جي ويجھو ”ٽيٽياهه“ چوندا آھن، جنھن ھنڌ درياهه وڃي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو، تنھن کان ٿورو اور ڀرو درياهه جو ٻيو به ھڪ ڦاٽ آھي، جنھن کي ”حجامڙو“ چوندا آھن. ٽيٽياهه ۽ حجامڙو، ”ڳاڙھي“ جي ڳوٺ وٽان ڦٽن ٿا. ڳاڙھي کي ”رچل“ به چوندا آھن ۽ ڳاڙھي کان پري ٽيٽياهه کي ”جوئو“ سڏيندا آھن .
” حيدري“ ڦاٽ ڪيٽي بندر ۽ شاھ بندر، ٻنھي جي وچان وھي ٿو. حيدريءَ کان اٺ ڪوهه پري درياهه کي ٻيو به ھڪ ڦاٽ آھي، جيڪو سڏبو ئي ”ڦاٽ“ آھي، اتي ”ڦاٽ“ نالي سان ڳوٺ به آھي. انھيءَ ڳوٺ جي آمھون سامھون ڳوٺ ”کارو ڇاڻ“ آھي، جتي ٽپال گھر، اسڪول، پوليس ٿاڻو ۽ تپيدار جي چائڙي: (ديرو) به آھي. حيدري درياهه جي پڇڙيءَ مان ”ميرواهه“ ۽ ”قلندري“ ڦاٽ نڪرن ٿا، جيڪي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ڳوٺ کاري ڇاڻ کان ميرواهه ڦاٽ به ڪوهه کن پري آھي ۽ ان کان ميل سوا پري درياهه کي ”واھڻ“ چوندا آھن. ائين چپي چپي تي درياهه جا ٻيا نالا رکيل آھن. ميرواهه ۽ واھڻ جي وچ ۾ ”سوکي“ نالي ڳوٺ آھي، جنھن ۾ اسڪول، تپيدار جي چائڙي (ديرو) وغيره آھن. ھتي واپار جو چلتو چڱو آھي ۽ سارين جو واپار گھڻو ٿئي ٿو. ڳوٺ ”کارو ڇاڻ“ ۽ ڳوٺ ”سوکيءَ“ ۾، چانورن ڏرڻ ۽ ڇڙڻ جون انجڻيون به آھن. ڳوٺ ”سوکيءَ“ وٽان ”واھڻ“ مان درياهه جي ھڪ شاخ ٿئي ٿي، تنھن کي ”سنھڙي“ چوندا آھن ”سوکيءَ“ کان ست ڪوهه اوري، حيدري درياهه مان ”مل“ درياهه وھندو ھو پر ھاڻي اھو ڦٽي ويو آھي. ميرواهه، واھڻ ۽ سنھڙي، ٽيئي ”واسو“ کاريءَ مان لنگھي عربي سمنڊ ۾ وڃيو پون. ھي ٻيو درياهه به ”ڦاٽ“ مان لنگھي ڪيٽي بندر ڏانھن وڃي ٿو، تنھنڪري ڪيٽي بندر ٻن دريائن جي وچ ۾ آھي. ڪجهه وقت کان وٺي ڪراچيءَ مان کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر طرف لاريون وڃن ٿيون، انھيءَ ڪري آمد و رفت جي گھڻي سھوليت ٿي پئي آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو


قدرت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻه درياھي
قدرت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون